سيد شمس الحسن

سيد شمس الحسن

شمس الحسن سيد

شمس الحسن، سيد: سيد شمس الحسن جو جنم 1892ع ڌاري بريلي ۾ ٿيو. 1914ع کان 1947ع تائين هو مسلم ليگ جو آفيس سيڪريٽري رهيو. ان عرصي دوران هو مسلم ليگ جي ترجمان روزنامه ‘منشور’، روزنامه ‘ڊان ’ جو پبلشر به رهيو. قائداعظم محمد علي جناح جو مٿس تمام گهڻو ڀروسو هو. قيام پاڪستان بعد قائداعظم جي چوڻ تي شمس الحسن مسلم ليگ جو سمورو رڪارڊ کڻي پاڪستان آيو. هو 1948ع کان 1958ع تائين پاڪستان مسلم ليگ سان بطور اسسٽنٽ سيڪريٽري وابسته رهيو. هن مسلـم لـيـگ جـو رڪـارڊ اٺانـوي جـلـدن ۾ مـرتـب ڪـيو ۽ ان کـي شمس الحسن جي ڪليڪشن چيو وڃي ٿو.
شمس الحسن سيد، 7 نومبر 1981ع تي وفات ڪئي. سندس پٽ مشهور صحافي ۽ سفارتڪار واجد شمس الحسن آهي، جيڪو ڪيترو وقت انگلنڊ ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل هو. اڄڪلهه لنڊن ۾ رهي ٿو. انهيءَ جو شمار شهيد بينظير ڀٽو جي انتهائي قابل اعتماد ساٿين ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو